سنڌ

باقراڻي جي صحافي جو زمين جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري خلاف احتجاج

باقراڻي جي صحافي غلام نبي حالتي زمين تي قبضي ۽ زمين جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري خلاف پريس ڪلب باقراڻي اڳيان احتجاج ڪيو. صحافي غلام نبي دانهيندي چيو ته ابن ڏاڏن جي موروثي زرعي زمين جي چئن سروي نمبرن واري رڪارڊ ۾ فريد آباد واسي سراج احمد ڪلهوڙو، تپيدار ۽ مختيارڪار جي ملي ڀڳت سان ڦير ڦار ڪري کاتا ڦيرايا آهن. مون 4 مهينا اڳ اي سي باقراڻي کي درخواست ڏني پر ڪا ڪارروائي ناهي ٿي. جڏهن ته مون ڊي سي لاڙڪاڻي کي رڪارڊ جي درستگي لا درخواست ڏني پر ان تي به عمل نه ٿيو. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن صحافي کي آفيسن جا چڪر ڪٽرايا پيا وڃن ته عام کاتيدار سان روينيو عملي جو ڪهڙو رويو هوندو. هن سيڪريٽري روينيو، ڪمشنر ۽ ڊي سي لاڙڪاڻي کان ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته موروثي زمين جو رڪارڊ درست ڪري هيرا ڦيري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button