سنڌ

قمبر شهر ۾ جهوپڙي کي باهه، الهه تلهه سڙي ويو

قمبر شهر جي گوپانگ محلي ويجهو جهوپڙي کي اوچتو باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل کٽون، پيتيون، ڪپڙا، ٿانو ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. متاثر عورت نصيبان ٻڌايو ته غريب پورهيت آهيون، اسان جي گهر ۾پيل ڪپڙا، بسترا ۽ ٻيو لکين رپين جو قيمتي سامان سڙي ويو آهي. اطلاع تي فائر برگيڊ پهچي باهه وسائي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو. متاثرن ڊپٽي ڪمشنر ۽ وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button