سنڌ

ووٽ ترقي ۽ تبديلي جو ضامن آهي:اليڪشن ڪمشنر لاڙڪاڻو

ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪنور شجاعت علي قائد عوام يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ ووٽ جي داخلا بابت منعقد ڪيل آگاهي پروگرام ۾ خطاب ڪندي چيو ته ووٽ جو صحيح استعمال ۽ صحيح داخلا اسان سڀني جو قومي فرض آهي ڇو ته ووٽ ترقي ۽ تبديلي جو ضامن آهي جنهن سان ملڪ ترقي ڪري سگھي ٿو. اوهان ووٽ بابت ڄاڻ حاصل ڪريو ان سان گڏ فيملي جو ووٽ داخل ڪريو ته جيئن ان جو صحيح استعمال ٿئي. هن چيو ته ووٽ جو صحيح استعمال ۽ صحيح داخلا لاءِ شناختي ڪارڊ ٺهرايا وڃن ته جيئن ووٽ ڏيڻ وقت ڪنهن قسم جي پريشاني نه ٿئي. هن چيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ عوام جي وڌ کان وڌ شرڪت لاءِ ووٽ جي داخلا کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا ويندا ته جيئن ووٽ جي صحيح داخلا ٿئي ۽ ان بابت صحيح معلومات ملي سگھي. ان موقعي تي اليڪشن آفيسر محمد عمران آرائين چيو ته پنهنجو ووٽ داخل ڪرايو جنهن سان تبديلي اچي سگھي ٿي ۽ جيڪو به 18 سالن جو نوجوان آهي ان کي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ گھرجي. هن چيو ته ووٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ 8300 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ موڪليو ۽ مئي مهيني ۾ جيڪي ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا ويندا جتي ووٽ پڻ داخل ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button