سنڌ

چانڊڪا اسپتال ۾ 4 ڏينهن کان ڊائلاسز مشينون بند، مريضن جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ گذريل چئن ڏينهن کان ڊائلاسز مشينون بند هجڻ ڪري علاج سهولتون نه ملڻ خلاف مريضن جي وارثن نيفرولاجي شعبي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺ ٽڳڙ واسي امان الله منگي، قمبر جي بروهي محلي واسي اشرف بروهي، بنگل ديرو واسي نعمت الله سومرو، ڏوڪري واسي سونيا خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته گذريل مهيني کان نيفرولاجي شعبي جو آر او پلانٽ خراب پيو آهي ۽ پاڻي سپلا نه ٿيڻ ڪري ڊائلاسز جون 9 مشينون خراب آهن ۽ هڪ مشين تي 200 کان وڌيڪ مريضن جو ڊائلاسز ناممڪن آهي، جنهن ڪري ڏورانهين علائقن کان علاج لا آيل مريض مايوس واپس موٽي وڃن ٿا. هنن الزام لڳايو ته ڊائلاسز نه ٿيڻ ڪري مريضن جي حالت خراب ٿي وئي پر ڊائلاسز نه ٿيڻ ڪري دوائون به نه ٿيون ڏنيون وڃن. هنن چيو ته چئن ڏينهن کان خراب هجڻ وارو آر او پلانٽ ۽ ڊائلاسز مشينون ميڊيا جي اچڻ سان ڪيئن هلڻ شروع ٿي ويون. هنن چيو ته چانڊڪا اسپتال جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ آهي پر سهولتون نه ملڻ ڪري مريضن جون زندگيون داءُ تي لڳي ويون آهن. هنن مطالبو ڪيو آر او پلانٽ ٺيڪ ڪري مريضن کي دوائون ۽ گهربل سهولتون ڏنيون وڃن. ان موقعي تي مريضن جي وارثن دانهيندي چيو ته ڊائلاسز مشين ۾ لڳندڙ ايپرن انجيڪشن اڻلڀ هجڻ ڪري ميڊيڪل اسٽورن تان وٺي اچڻ تي مجبور آهيون. هنن چيو ته 950 روپين واري انجيڪشن ميڊيڪل اسٽور تي 1200 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. وارڊ ۾ موجود اسٽاف پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ته بيشڪ مريض ٻاهران “ايپرن“ انجيڪشن وٺي پيا اچن جيڪا ڊائلاسز مشين ۾ لڳائي مريضن جي ڊائلاسز ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته مٿان کان ئي “ايپرن“ انجيڪشن نه پئي اچي ان ۾ اسان جو ڪو ڏوهه نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button