سنڌ

ڪراچي ۾ غيرملڪين جي ڪري ڏوهن جي شرح وڌي وئي آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد صحافي اطهر متين جي ڪيس ۾ اڳڀرائي جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته جوابدارن جو تعين ڪيو ويو آهي، جلد قاتلن تائين پهچي وينداسين، جڏهن ته ان موقعي تي هن ڪابه ڊيڊ لائين ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسان سنڌ پوليس کي ڪڏهن به سياسي مقصد لاءِ استعمال ناهي ڪيو. اڱاري تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سعيد غني ۽ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان صحافي اطهر متين جي ٻارڙن سان ملاقات ڪئي ۽ وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ دعا گهري. ان موقعي تي هن وارثن کي يقين ڏياريو ته اطهر متين جي قاتلن کي آخري انجام تائين پهچايو ويندو، ملاقات کان پوءِ هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اطهر متين جو خون رائيگان نه ويندو، اسان سخت ۽ بهتر سيڪيورٽي رٿابندي لاءِ شارٽ ٽرم، ميڊيم ۽ لانگ ٽرم قدم کڻي رهيا آهيون، جڏهن ته ان ڏس ۾ اسان اوهان سڀني جي تعاون جا طلبگار آهيون. هن چيو ته اسان سنڌ پوليس کي ڪڏهن به سياسي مقصد لاءِ استعمال ناهي ڪيو، جماعت اسلامي ڪيترن ڏينهن تائين ڌرڻو ڏنو پر اسان جمهوري طريقو ورتو، پوليس بااختيار آهي. هن چيو ته ساڳي پوليس هن شهر ۾ امن امان بحال ڪيو آهي، ڪراچي ڇهون خطرناڪ شهر هو، هاڻي 106/7 تي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته رياست طور جيڪو اسان جو فرض آهي اسان اطهر متين جي گهرڀاتين کي سپورٽ ڪنداسين، اسان قاتلن تائين پهچي ويا آهيون، تفصيل اڃا شيئر نٿو ڪري سگهان. هن چيو ته سيف سٽي جو ٽيندڙ ٿيڻ وارو آهي، اسان عادي اسٽريٽ ڪرمنلز جي اي ٽيگنگ ڪرڻ وارا آهيون. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز جي ضمانت کي مشڪل ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪو واقعو نه ٿيڻ گهرجي، گينگز ۽ ڪرمنلز به پڪڙيا پيا وڃن، اسٽريٽ ڪرائيم جو سبب ڊرگ جا عادي ماڻهو، ملڪ جون معاشي حالتون به آهن. هن چيو ته غلط بيان به ميڊيا هلائي ٿي، ڪورنگي ڪاز وي تي 100 ماڻهن جي لٽ مار غلط خبر هئي، ان سان غلط تصور پيدا ٿي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جو ڏيڍ مهيني اندر جيڪو رجحان ٺهيو آهي ان کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ايڊيشنل آ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، ڊي آ جي ڏکڻ شرجيل کرل به وزيراعليٰ سان گڏ هو. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ غير ملڪين جو انگ وڌيڪ آهي، ان ڪري ڏوهن جي شرح وڌيڪ آهي. افغانستان ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جا اثر ڪراچي کي ڀوڳڻا پون ٿا. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ معاشي حالتن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي حالتون خراب آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي حوالي سان به وڌيڪ نشاندهي ڪئي پئي وڃي، هتي ڏوهه وڌيڪ انڪري آهن ڇاڪاڻ ته هتي هر ملڪ جا شهري آباد آهن، افغانستان ۽ بلوچستان ۾ جيڪي حالتون هونديون آهن اهي به اسان کي ڀوڳڻي پون ٿيون. سندس چوڻ هو ته جڏهن هي شهر ڏوهن جي حوالي سان ڇهين نمبر تي هو، تڏهن به اسان امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي ڪراچي ڏوهن جي حوالي سان 125 يا 130 تي اچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button