سنڌ

ٺارو شاهه ڀرسان ڳوٺاڻي جو شاخ مان ڪهاڙيون لڳل لاش مليو

ٺاروشاهه ڀرسان مڃٺ جي سهڙا شاخ ۾ لاش لڙهندي ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ٺاروشاهه اسپتال پھچايو، جتي لاش جي سڃاڻپ مڃٺ ڀرسان ڳوٺ حاجي عالم کوسو جي رھواسي پورهيت 55 سالن جي عبدالرزاق کوسو طور ٿي، جڏهن ته پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي سئوٽ محمد اسماعيل کوسو ٻڌايو ته منهنجو سئوٽ عبدالرزاق کوسو ڪالھه کان گم هو، جنهن جو اڄ ڪهاڙيون لڳل لاش سهڙا شاخ مان هٿ آيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي. ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي. واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button