سنڌ

خيرپور ۾ طلاق وٺڻ تان مڙس گوليون هڻي زال قتل ڪري ڇڏي

خيرپور جي مصطفى ڪالوني ۾ مڙس پنهنجي زال پنج ٻارن جي ماءُ کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي مصطفى ڪالوني ۾ جوابدار مشتاق مھر پنهنجي زال پنج ٻارن جي ماءُ صنم کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. 35 سالن جي صنم اڳوڻو مڙس امتياز مھر فوت ٿيڻ بعد پنهنجي ڏير مشتاق مھر سان شادي ڪئي هئي، جڏهن ته صنم مشتاق مھر کان طلاق وٺڻ لا خيرپور جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تان مڙس مشتاق مھر ڏمرجي صنم کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، شاهه لطيف پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لا پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي. جلد جوابدار کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button