سنڌ

ڏهرڪي ۾ جوڙي جو قاتل مقتول جو ڀا نڪتو،ڏوهه جو اعتراف

اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ ٻوڙي ۾ ڪهاڙي ۽ ڪاتي سان قتل ڪيل ظفر سولنگي ۽ سندس زال ياسمين سولنگي جو قاتل مقتول جو ڀا عبدالغفار سولنگي نڪتو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو ته هن ڏوهه جو اعتراف ڪيو. ان ڏس ۾ جوابدار عبدالغفار پوليس کي بيان ڏنو ته منهنجا پنهنجي ڀاڄائي ياسمين سان تعلقات هئا، جنهن جو منهنجي ڀاءُ کي شڪ هو، ڀا جي ڪمري مان رات جو دير سان رڙين جو آواز آيو ته منھنجي اک کلي وئي، مان دروازو کولي ڏٺو ته منهنجو ڀاءُ پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو هو ۽ مان ڪاوڙ ۾ اچي ڇرين جا وار ڪري ڀاءُ جو ڳلي ڪپي ڇڏيو، جيڪو هيٺ ڪري پيو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. ياسمين کي سندس مڙس ظفر گهٽا ڏئي قتل ڪيو آھي. مان ڀاءُ کي قتل ڪيو آھي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. ٻئي قتل عبدالغفار سولنگي ڪيا آهن. هن خلاف سرڪار جي فرياد تي ٻٽي قتل جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button