سنڌ

سکر مان سئوٽ هٿان اغوا ڪيل نينگر تشدد بعد قتل

سکر ۾ گذريل رات کان گم 5 سالن جي نينگر جشپال پٽ جئه ڪمار جو تشدد ٿيل لاش لکي غلام شاهه ڀرسان جهان خان ٿاڻي کان ڪجھه مفاصلي تي سم شاخ وٽ سکر – شڪارپور روڊ تان مليو. تشدد ٿيل لاش ڏسي راهگيرن جي اطلاع تي جهان خان پوليس پهچي لاش لکي غلام شاهه اسپتال پهچايو، جتي نينگر جي سڃاڻپ بعد وارث پهچي ويا. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي ايم ايس لکي غلام شاهه ڊاڪٽر خادم حسين ڀٽي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نينگر کي بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي. هوڏانهن ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ چيو آهي ته نينگر جشپال کي سندس سئوٽ اويناش گهرو تڪرار تان اغوا ڪيو ۽ ڪار ۾ لکي غلام شاهه وٺي وڃي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن جو لاش تحويل ۾ ورتو آهي. سي سيڪشن پوليس هٿ ڪيل سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدار کي گرفتار ڪيو، جنهن جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي. جڏهن ته نينگر جشپال جو لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو. نينگر جون آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد ساڌ ٻيلي واري هنڌان درياهه پروان ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button