پاڪستانرانديون

شاهد آفريدي، ناٺي شاهين شاهه آفريدي لا تعريف جا بند ٻڌي ڇڏيا

ڪراچي: قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي، فاسٽ بالر ۽ مستقبل جي ناٺي شاهين شاهه آفريدي جي تعريف ۾ بند ٻڌي ڇڏيا. هڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ شاهد آفريدي پشاور زلمي خلاف شاهين جي جارحاڻي بيٽنگ جي واکاڻ ڪئي.

شاهين جي پرفارمنس بابت ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته هو ان ڏينهن دوستن سان گڏ مصروف هو ان ڪري شاهين جي پرفارمنس نه ڏسي سگهيو پر بعد ۾ خبر پئي ته ميچ تمام سٺي هئي ۽ شاهين هن ميچ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري. اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته ان کانپوءِ مون کي احساس ٿيو ته شاهين مون کي ڇو ٿو چوي ته لالا مونکي تنهنجي بيٽ جي ضرورت آهي؟ پر مون اڃا تائين شاهين کي بيٽ نه ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button