پاڪستانرانديون

سال گذرڻ باوجود ڏاهاڻي جي ڪارڪردگي بهتر ناهي ٿي: شاهد آفريدي جو ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ شاهنواز ڏاهاڻي بابت ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته هڪ سال گذرڻ باوجود ڏاهاڻي جي ڪارڪردگي بهتر ناهي ٿي. هن چيو ته نسيم شاهه ۽ شاهنواز ڏاهاڻي اهي ٻه رانديگر آهن جن قومي ٽيم لاءِ 4 کان 5 دورا ڪيا پر ان باوجود شاهنواز گذريل هڪ سال ۾ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ناهي ڪئي.

ڏاهاڻي جي جشن بابت ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته ڏاهاڻي جو جشن ختم ٿي ويو آهي، کيس هاڻي پنهنجو ڌيان ڪرڪيٽ تي رکڻ گهرجي، اهي شيون تڏهن سٺيون لڳنديون آهن، جڏهن اوهان جي ڪارڪردگي سٺي هجي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته مان ڏاهاڻي مان خوش نه آهيان، هن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ اميد آهي ته هو ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button