اسلام آبادپاڪستان

عوام نمائندو چونڊي ٿو ته اڻ چونڊيل جج ڊي سيٽ ڇو ڪري:چيف جسٽس

اسلام آباد :اسلام آباد هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن اڄ سياسي جماعتون چاهين ته سوشل ميڊيا ٺيڪ ٿي ويندي. پنهنجن فالوورز سان ڪٿي به بدتميزي نه ڪريو، نفرت جوڳو مواد نه پکيڙيو. اسلام آباد هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فواد چوڌري جي نااهلي جي درخواستن تي شنوائي ڪئي. ان دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اهي ٻئي ڪيس چونڊيل نمائندن بابت آهن ۽ ٻنهي کي عوام چونڊيو آهي. جڏهن عوام چونڊي رهيو آهي ته عدالت مداخلت ڇو ڪري؟ جڏهن 2 لک ماڻهو پنهنجو نمائندو چونڊين ته اڻ چونڊيل جج ان کي ڊي سيٽ ڇو ڪري؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هر سياسي جماعت پنهنجي سوشل ميڊيا ٽرولنگ ٽيم رکي آهي، عدالتن ۾ پنهنجا معاملا آڻين ٿا جنهن خلاف فيصلو اچي ته ٽرولنگ شروع ڪري ڇڏين ٿا. جڏهن اهو ٿيڻو آهي ته عدالتون انهن معاملن ۾ ڇو پون؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button