اسلام آبادپاڪستان

ارباب رحيم ۽ فهميدا مرزا جي شاهه محمود قريشي سان ملاقات

اسلام آباد : وفاقي وزير فهميده مرزا ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار ارباب غلام رحيم پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ حق مارچ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ حقوق مارچ جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي سان شاهه محمود قريشي کي تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سنڌ حقوق مارچ جي تيارين تي اطمينان ظاهر ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي پيڙهيل عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي بدحال علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ سنڌ جي عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button