پاڪستانسنڌ

کورواهه لڳ ٽيڪسي ڊرائيور جو نوجوان پٽ بيماري سبب بستر ڀيڙو

کورواهه: کورواهه ويجهو ڳوٺ بچل ملاح جي رهواسي ٽيڪسي ڊرائيور منو ملاح جو نوجوان پٽ الله بخش ملاح ڦڦڙن جي بيماري ۾ وٺجي ويو، نوجوان جي پي منو ملاح صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون تمام غريب ماڻھو آھيان، ٽيڪسي ڊرائيور آھيان ۽ ٽيڪسي جي ملندڙ پگهار مان گهر جو گاڏو هلائيندو آھيان.

هن چيو ته پنهنجي نوجوان پٽ الله بخش جو علاج ڪرائي نٿو سگهان، هن چيوت ڊاڪٽرن الله بخش جي آپريشن جو چيو آھي، جنهن تي لکين روپيا خرچ ايندو، آئون هستائين منهنجي بيمار پٽ جو شھر مان چندو ڪري علاج ڪرائيندو رهيو آھيان، هاڻي وڌيڪ علاج جو خرچ برداشت نٿو ڪري سگهان، هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوجوان پٽ جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button