پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ رٽائرڊ ڊي ايس پي جي پٽ جو گولي لڳل لاش هٿ آيو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ رٽائرڊ ڊي ايس پي جي گهر مان سندس پٽ جو گولي لڳل لاش هٿ آيو، خودڪشي جا چوٻول، خبر موجب حيدرآباد جي حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ 35 ورهين جي نوجوان اصغر اعظم جو لاش مليو آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش ڀٽائي اسپتال پهچايو، قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب ته پاڙي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو آهي. فوتي نوجوان رٽائرڊ ڊي ايس پي سڪندر اعظم جو پٽ ٻڌايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button