اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن ٽن ميمبرن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي:فواد چوڌري

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اپوزيشن کي چيلينج ڏنو آهي ته اهي 24 ڪلاڪن ۾ بي اعمادي جي رٿ آڻي ڏيکارين، خبر پئجي ويندي. اسان کي ٽن ايم اين ايز رپورٽ ڪيو آهي ته کين عدم اعتماد لاءِ آڇ ڪئي وئي آهي. سمورن معاملن تي نظر رکيل آهي ۽ هارس ٽريڊنگ نه ٿيڻ ڏينداسين. هن چيو ته عدم اعتماد لاءِ ٽن ايم اين ايز کي پئسن جي آڇ شرمناڪ آهي. اپوزيشن کي چئلينج آهي ته عدم اعتماد آڻي پتو پئجي ويندو، جنهن ڏينهن شهباز شريف جو ڪيس شروع ٿيندو هو جيل ئي ويندو. هن چيو ته آصف علي زرداري جي به ساڳي صورتحال آهي، اپوزيشن جون ٻئي پارٽيون هارس ٽريڊنگ کي ٻيهر آڻڻ گهرن ٿيون. هن چيو ته مريم نواز گهٻرائجي وئي آهي، نوازشريف فوج کي هميشه ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو روس جو دورو وڏي اهميت وارو آهي، دنيا جون نظريون صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم تي هونديون. افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي سڄي دنيا ساراهي ٿي. پيٽرول جي قيمت 100 ڊالر في بيرل تائين پهچي چڪي آهي ۽ دنيا ۾ بحران به اچي سگهي ٿو. بل گيٽس پوليو جي خلاف پاڪستان جي قدمن جي ساراهه ڪئي. اربع تي هتي خاص مددگار فرخ حبيب سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان روس جي دوري جي حوالي سان ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ هاڻي ڪجهه دير کان پوءِ وزيراعظم ماسڪو روانو ٿيو. پاڪستان پاران 23 سالن کان پوءِ ڪنهن وزيراعظم جو روس جو دورو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي پرڏيهي پاليسي واضح ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ڪنهن به گروپ جو حصو نه آهي. فواد چوڌري چيو ته تهمت، بهتان جي اسلامي قانونن ۾ سزائون آهن، قانون جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ بحث ٿيڻ گهرجي. فرخ حبيب چيو ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان پارلياماني بورڊ قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آصف زرداري ۽ شهبازشريف جي ڪيسن جي روزاني ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي فرخ حبيب چيو ته شهبازشريف ۽ زرداري ڪرپشن جا وڏا سائنسدان آهن، نوڪرن جي اڪائونٽس ۾ آيل اربين رپين جو حساب ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button