سنڌ

لاڙڪاڻي ۾حددخلين خلاف ڪارروائي،دڪانن ٻاهران پيل سامان ضبط

اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو جي اڳواڻي ۾ انڪروچمينٽ، ميونسپل ڪارپوريشن عملي ۽ ضلعي پوليس مختلف علائقن ۾ انڪروچمينٽ خلاف ڪارروايون ڪيون، جنهن دوران دڪانن ٻاهران روڊن تي پيل سامان وڏين گاڏين ذريعي کڻائي ضبط ڪيو ويو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو چيو ته هن وقت شهر اندر انڪروچمينٽ ايتري وڌي وئي آهي جو عام ماڻهن جو گهمڻ ڦرڻ مشڪل ٿي ويو آهي، شهرين جي شڪايتن تي شاهي بازار، بئنڪ اسڪوائر، پراڻي اناج منڊي، سبزي منڊي، امپائر روڊ، مڇي مارڪيٽ، پاڪستان چوڪ، بندر روڊ، ريشم گلي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروايون ڪيون آهن، دڪاندارن جو روڊن جي پاسن کان رکيل سامان ضبط ڪندي کين وارنگ ڏني آهي. ان موقعي تي ٽرئفڪ انچارج انسپيڪٽر عبدالوحيد ابڙو، ميونسپل عملدار معظم عباسي، سلطان بليدي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button