سنڌ

لاڙڪاڻي جي قائد عوام يونيورسٽي ۾ شاگردن ۾ جهيڙو، 6 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻي جي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پ پ سپاف ۽ پ پ ش ڀ سان واسطو رکندڙ شاگرن جي ٻن گروپن ۾ معمولي ڳالھه تان مبينا جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب پيپلز پارٽي سپاف ڌر جا عهديدار سيف الله مخدوم، حبيب الرحمٰن سومرو، سمير ڀٽو، محسن جوکيو، مزمل لاڙڪ ۽ حسن قاضي زخمي ٿي پيا، جن کي ساٿي شاگردن علاج لاءِ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو. ان موقعي تي زخمي شاگرد سيف الله مخدوم دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل رات پ پ ش ڀ سان واسطو رکندڙ شاگردن مظهر باجڪاڻي، وزير ڏاهاڻي، مشاهد ڊومڪي، روح شابراڻي، ڪاشف ڏاهاڻي، آفاق ڏاهاڻي، نويد عالماڻي ۽ ٻين معمولي ڳالھه تان اسان جي دوست واجد ڪلوڙ سان جهيڙو ڪيو، جنهن جي لکت ۾ شڪايت ڏيڻ لاءِ پرو وائيس چانسلر زاهد ابڙو جي آفيس طرف وڃي رهيا هئاسين ته مٿي ڄاڻايل شاگردن ٻيهر حملو ڪيو، جنهن ۾ مون سميت 6 ڄڻا زخمي ٿيا آهيون.. هن قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي عملدارن سميت ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر شاگردن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button