سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هڪ هفتي کان نوجوان گم، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي غازي ڪالوني واسي پرسرار نموني گم ٿيل نوجوان جي ڳولا ۾ مدد لاءِ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مولا بخش سومرو، منير سومرو، واحد بخش سومرو، محمد خان سومرو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هفتو اڳ نوجوان ڀاءُ 33 ورهين جو پيرل سومرو ميروخان چوڪ مان گهر جو سودو وٺڻ لاءِ ويو ته واپس نه آيو، جنهن جو فون نمبر به مسلسل بند آهي اهڙي دانهن وليد ٿاڻي توڙي ايس ايس پي آفيس ۾ ڏني آهي پر پوليس ڀاءُ پيرل سومرو جي ڳولا ۾ ڪا مدد نه پئي ڪري، اسان کي شڪ آهي ته ڀاءُ پيرل کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته نوجوان جي گم ٿيڻ بعد گهر ۾ پريشاني واري صورتحال آهي، جنهن لاءِ اختياريون نوٽيس وٺي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button