سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس جي تقريب، ٻوٽا پوکيا ويا

ڊسٽرڪٽ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل ڇھن اسڪائوٽس اوپن گروپن شاهه لطيف اسڪائوٽس، ڪينجهر اسڪائوٽس، يونيورسل اسڪائوٽس، العباس اسڪائوٽس، پاڪ حيدري اسڪائوٽس ۽ المجاھد اسڪائوٽس پاران ورلڊ اسڪائوٽ ڊي جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس ھيڊڪوارٽر ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اسڪائوٽنگ تحريڪ جي باني لارڊ بيڊن پاول جي 167 هين جنم ڏينهن ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. جتي شاهه لطيف اسڪائوٽس اوپن گروپ طرفان ون ڊي ڪئمپ به لڳائي وئي، جنھن ۾ مختلف اسڪولن جي گرلس ۽ بوائز اسڪائوٽس شرڪت ڪئي ۽ شھر جي مختلف ھنڌن تي 100 ٻوٽا به پوکيا ويا.تقريب کي ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس ڪمشنر اختر حسين ڪوريجو، گرلز اسڪائوٽس ڪمشنر نورجهان عباسي، اسڪائوٽس ليڊرن قاضي سھيل شاھد قريشي، نثار احمد مغيري، مجاھد حسين جروار، استاد گل دايو، حبيب الرحمان شيخ، خادم حسين ميراڻي، ڊاڪٽر محمد علي، خليل احمد شيخ، ذوالفقار علي سمون ۽ ٻين لارڊ بيڊن پاول جي زندگي تي روشني وڌي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button