سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ آپڪا پاپوليشن ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ آپڪا پاپوليشن کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، ارشاد بيگم مغل، شبنم جوڻيجو، پرويزن ٻرڙو، عبدالوحيد چانڊيو، عبدالوهاب مغيري ۽ ٻين چيو ته ڪافي عرصي کان اپ گريڊيشن، ٽائيم اسڪيل، رسڪ الائونسل، ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو ڪرڻ سميت ٻين جائز مطالبن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون پر حڪومت نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. هنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته پاپوليشن ملازمن جي اپ گريڊيشن بحال ڪري، ٽائيم اسڪيل ۽ رسڪ الائونس ڏنو وڃي. ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي برطرف ميل موبلائيزرن کي بحال ڪري کين پڪو ڪيو وڃي. مختلف ضلعن ۾ سال 2009ع کان 2012ع تائين ڀرتي ڪيل ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button