اسلام آبادپاڪستانعالمي

وزيراعظم سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو،گارڊ آف آنر پيش

اسلام آباد/ماسڪو :وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روس جي شهر ماسڪو پهچي ويو. ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي آجيان روس جي ڊپٽي پرڏيهي وزير ڪئي. ڪالهه ماسڪو ايئرپورٽ تي وزيراعظم عمران خان جي ڳاڙهي قالين سان آجيان ڪئي وئي ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي پاڪستان جو قومي ترانو به هلايو ويو. وزيراعظم جي وفد جي ميمبرن جون ڪرونا ٽيسٽون ٿينديون ۽ اڄ صبح 11 وڳي کانپوءِ وزيراعظم جون سرگرميون شروع ٿينديون. وزيراعظم روس جي دوري دوران اڄ ٻي جنگ عظيم ۾ مارجي ويل فوجين جي قبرن تي گل رکندو ۽ پوءِ ساڳئي ڏينهن منجهند هڪ وڳي روس جي صدر ولادمير پيوٽن سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ پاڪ روس لاڳاپن تي ڳالهيون ٿينديون. وزيراعظم سان روس ۽ پاڪستان جون نالي واريون ڪاروباري شخصيتون به ملنديون. جڏهن ته عمران خان ماسڪو ۾ اسلامي سينٽر جو به دورو ڪندو. ان کان سواءِ وزيراعظم سان روس جي مفتي اعظم جي ملاقات به شيڊول ۾ آهي. وزيراعظم روس جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اڄ 24 فيبروري جي رات پاڪستان لاءِ واپس روانو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button