سنڌ

نوشهروفيروز ۾ بدامني خلاف ريلي،ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو

نوشهروفيروز ۾ وڌندڙ بدامني ۽ دڪاندار اڪرم ڏنگراج کان ڦر واقعي خلاف شھرين ۽ دڪاندارن الله واري چوڪ کان ريلي ڪڍي ايس ايس پي نوشهروفيروز جي آفيس آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. مظاهرين سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي دڪاندارن مظھر ڏنگراج، اڪرم پيرزادو، عبدالشڪور عباسي، جسقم اڳواڻن اياز راڄپر، اسد عمراڻي، ايس ٽي پي اڳواڻ خالد چانڊيو، شوڪت علي ٻوھيو وڪيل، امر امتياز ميمڻ وڪيل ۽ ٻين چيو ته شھر مان ڦر ۽ چورين جون وارداتون وڌي ويون آهن، جنھنڪري شھري عدم تحفظ جو شڪار آھن. مٺياڻي روڊ تان دڪاندار اڪرم ڏنگراج جي دڪان مان 6 لک روپيا ڦر ڪيا ويا پر پوليس جوابدار گرفتار ناھن ڪيا. ھنن چيو ته چورين ۽ ڦرن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. احتجاج دوران ايس ايس پي دڪاندارن سان ڳالهيون ڪري 24 ڪلاڪن ۾ جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button