سنڌ

خيرپور ۾ حددخلين خلاف آپريشن،دڪاندارن ۽ عملي ۾ جهيڙو

خيرپور جي خاڪي شاهه پل ڀرسان ميونسپل انتظاميه ۽ اينٽي انڪروچمينٽ، ميونسپل ايڊمنسٽريٽر منظور احمد شوري عملي سان گڏجي حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ته دڪاندارن ۽ عملي ۾ جهڙپون ٿيون، جنهن ۾ ھڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو، جنهن کانپو ميونسپل ۽ انڪروچمينٽ عملي ڀڄي جان بچائي، جنهن کانپو دڪاندارن خاڪي شاهه پل روڊ بلاڪ ڪري مظاهرو ڪري ميونسپل انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي دڪاندارن چيو ته ميونسپل عملدار هر مهيني اسان کان دڪانن کان ٻاهر سامان رکڻ تي ڀتو وصول ڪن ٿا. مختلف بهانن سان تنگ ڪن ٿا. دڪاندارن چتاءُ ڏنو ته ميونسپل انتطاميه پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، احتجاج سبب خاڪي شاهه پل روڊ بند ٿي ويو، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button