پاڪستانسنڌ

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاس ٿيل 50 هزار استادن کي نوڪرين جا آرڊر جاري

ڪراچي :سنڌ حڪومت جو هڪ ٻيو انقلابي ۽ تاريخي قدم، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي ڀرتي واري پروسيس تحت پاس ٿيل 50 هزار استادن کي نوڪرين جا آرڊر جاري ڪرڻ جي شروعات ٿي وئي آهي. آءِ بي اي سکر پاران 5 لک اميدوارن جي ورتل ٽيسٽ مان 47 هزار اميدوار ميرٽ تي پاس ٿيا. ڪراچي ڏکڻ جي 489 پاس ڪيل اميدوارن کي ڪالهه لياري جي گورنمينٽ اسڪول ۾ ٿيل تقريب ۾ نوڪرين جا آفر آرڊر ڏنا ويا. سنڌ جو تعليم وارو وزير سردار علي شاهه، اطلاعات ۽ محنت وارو وزير سعيد غني، وڏي وزير جو قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين اڳواڻن ميرٽ تي ڀرتي ٿيل اميدوارن کي نوڪرين جا آفر آرڊر ڏنا. تقريب ۾ پ پ ايم پي اي شازيا ڪريم، پيپلز يوٿ جي صدر جاويد ناياب لغاري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تعليم وارو وزير سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته مارڪيٽ ۾ ڪيترائي ايجنٽ مختلف واڪ لڳائي رهيا هئا پر شڪر الحمدالله جو هڪ به اميدوار کي پئسا يا سفارش تي نوڪري نه ملي پر غريبن جا ٻار ميرٽ جي بنياد تي پاس ٿيا. اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو تعداد تمام گهڻو تڪراري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي شعبن انهن انگن اکرن کي پنهنجي مرضي مطابق وڌائي پيش ڪيو آهي. ٻارن جي آدمشماري ايتري نه آهي جيتري آئوٽ آف اسڪول ٻارن جي ٻڌائي پئي وڃي. هن چيو ته اهو به ٻڌو ته امتحان ڏاڍو ڏکيو هو، 45 نمبر پاسنگ مارڪون رکيل هيون. اسان کي ان مان فائدو ٿيو ته ڪير ڪهڙي مضمون ۾ ماهر آهي. اسان وٽ سائنس جي استاد جي کوٽ هئي. هن چيو ته 2012ع ۾ سنڌ ٽيچرس ڊولپمينٽ ايڪٽ پاس ڪيو ويو. ان ۾ ٽي شيون هيون: استادن جي تعليم، تربيت ۽ لائسنسگ هجي. استادن کي تعليم ڏني پئي وڃي. ادارا ٺاهيا ويا آهن. تربيت تمام ضروري آهي. استادن کي لائسنس ڏينداسين ته جيئن قابل استاد اچن. مخالف ڌر وارن کي مون چيو ته مان شروعات ئي اوهان جي ٻارن کان ڪندس. انهن استادن کي اسان جي ٻارن کي ويهن سالن تائين پڙهائڻو پوندو. اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو ٻارن جو اسڪول کان پري رهڻ آهي. 80 سيڪڙو ٻار پنجين ڪلاس کان پوءِ اسڪول ڇڏي وڃن ٿا. جونيئر ۽ سينيئر ايليمينٽري استادن جو نظام ختم ڪري نيون اسڪيمون ٺاهينداسين. تعليم واري سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري خطاب ڪندي چيو ته 50,000 استادن کي هڪ مرحلي ۾ ڀرتي ڪرڻ جو پاڪستان ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هي ڀرتي جو مرحلو سعيد غني جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ ان کان پوءِ سردار شاهه جي دور ۾ استادن جا امتحان منعقد ٿيا ۽ اڄ اسين انهن اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي رهيا آهيون. سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو ته پنجاهه هزارن مان هڪ به استاد سفارش تي ڀرتي نه ڪيو ويو آهي. زرداري صاحب مون کي هڪ گڏجاڻي ۾ چيو ته استادن جي ڀرتي شفاف ٿيڻ گهرجي. اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي. هاڻي سنڌ جي ٻارن کي بااختيار بڻائڻ هاڻ اوهان جي ذميواري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button