پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه ۽ باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لا احتجاجي ريلي

ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه ۾ باڊهه تعلقا موومنٽ ۽ ڀٽ شاهه تعلقا جدوجهد ڪميٽي طرفان گڏيل احتجاجي ريلي ڪڍي دنبورا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. باڊهه تعلقا موومنٽ جي اڳواڻن دودو ديشي، اصغر نوناري، صفر مغيري، قاسم چنا، ڊاڪٽر اياز چنڊ، رسول بخش ميربحر، فقير جلال ساريو، ڪوڙل ملاح ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته وڏي عرصي کان باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لا جدوجهد ڪري رهيا آهيون، لطيف جي مزار تي دانهن کڻي آيا آهيون، ڀٽ شاهه ۽ باڊهه کي تعلقو بنائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، اسان گڏيل جدوجهد لا ميدان تي نڪتا آهيون، ٻنهي شهرن کي تعلقو بنائڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

هنن چيو ته ڀٽ شاهه ۽ باڊھه تاريخي ۽ قديمي شھر آھن جيڪي آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان تعلقي جا حقدار آھن، هنن چيو ته ايندڙ اليڪشن کان اڳ باڊھه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو ته پ پ اسان مان ووٽ جي ڪابه اميد نه رکي ۽ ايندڙ هر اليڪشن ۾ باڊھه واسي پ پ مخالف ووٽ استعمال ڪندا. ان لاءِ اسين باڊھه واسي وزيراعلى سنڌ کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته جلد کان جلد باڊھه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ته جيئن باڊھه واسين ۾ ڦھليل بيچيني ۽ ڪاوڙ ختم ٿي سگهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي تعلقي جو درجو ڏيئي ڀٽ شاهه ۽ باڊهه واسين مان مايوسي ختم ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button