سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ وارهه واسڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو احتجاج

وارهه واسڻ ليڊي هيلٿ ورڪر ثمينه گاڏهي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته دربان چانڊيو سان گڏ اين جي اوز ۾ ڪم ڪندي هيس ۽ هن منهنجو رشتو گهريو پر والدين انڪار ڪري ڇڏيو. جنهند دربان چانڊيو ڌمڪيون ڏنيون ۽ سندس ڀاءُ محمد پنهل سوشل ميڊيا تي منهنجون ايڊٽ ٿيل تصويرون اپ لوڊ ڪري غلط ڪمينٽس ڏنا، جنهن ڪري گهر ڀاتين سميت جان کي خطرو آهي. ان موقعي تي پنهل چانڊيو چيو ته ثمينه گاڏهي غلط ۽ بي بنياد الزام هنيا آهن جن ۾ سچائي ناهي، پوليس ان جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي جيڪڏهن هو سچي آهي ته عدالت ۾ اچي ثابت ڪري پر سوشل ميڊيا تي بيان ڏئي رهي آهي اسان کي عدالتنمان انصاف جي اميد آهي ان ڪري اڄ ضمانت منظور ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button