سنڌ

رتيديري مان کنڀيل 6 ڄڻا بازياب نه ٿيا،ٻارڙن جو اکين ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج

رتيديري مان کنڀيل 6 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا. رتوديرو شهر جي موٽڻ پور محلي مان ڪراچي پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل قريشي برادري جي هڪ ئي گھر جي 6 ڄڻن پرنسپال منظور قريشي سندس ڀاءُ مظهر ۽ اناج جي 4 واپارين عبدالفتاح، محمد جمن، غازي خان ۽ محمد قاسم قريشي جو 6 ڏينهن گذرڻ بعد به اڃا تائين ڪو پتو پئجي نه سگھيو. جڏهن ته کنڀيل 6 ڄڻن جي معصوم ٻارڙن پنهنجين اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو. شهر جي موٽڻ پور محلي کان نڪتل احتجاجي ريلي ۾ شريڪ ٻارڙن کي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، معصوم ٻارڙا نعرا هڻندي شهر جي مک روڊن جو گشت ڪري رتوديرو پريس ڪلب پهتا، جتي کنڀجي ويلن جي معصوم ٻارڙن محمد حسين، رحمت الله، حٰم، عليشا، نتاشا، حليمان، عبدالله، معيز قريشي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪراچي پوليس رات جي پهر ۾ اسان جي گھرن ۾ بنا جواز گهڙي اسان جي ننڊ پيل بيگناهه والدين کي کنڀي پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي، جن جو اڃا تائين اسان کي ڪو پتو پئجي ناهي سگھيو، اسان جي گھر جا سڀ وڏا کنڀي گم ڪيا ويا آهن، هن وقت اسان جي گھر ۾ ڪو وڏو مرد موجود ناهي، اسان ٻارڙا سخت پريشان آهيون. هنن چيو ته اسان کي صرف ايترو ٻڌايو وڃي ته اسان جي والدين جو آخر گناهه ڪهڙو آهي جو انهن کي ڌاڙيلن جيان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن بابت اسان کي ڪا ڄاڻ نٿي ڏني وڃي. هنن چيو ته قانون به اسان معصوم ٻارڙن جي ڪا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري اسان پنهنجين اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون. هنن جو چوڻ هو ته اسان معصوم ٻارڙن جو ته ڪجھه خيال ڪيو وڃي، اسان کي پنهنجي والدين بابت ڄاڻ ڏني وڃي، انهن مٿان ڪي ڪيس داخل ٿيل آهن ته اهي به ظاهر ڪيا وڃن. معصوم ٻارڙن وزيراعلى، آءِ جي سنڌ ۽ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي بيگناهه کنڀيل والدين کي آزاد ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button