سنڌ

ڇور ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، آزاد ٽائيگر ڪلب ڪامياب

ڇور شھر ۾ العظيم شاھه ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ھلندڙ ٽيپ بال ڇور ڪرڪيٽ ليگ ٽورنامينٽ جو ٽيون رائونڊ مئچ آزاد ٽائيگر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ۽ سپر ڪنگ ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ۾ ٿيو، آزاد ٽائيگر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 12 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنسون ٺاھيون، جنھن ۾ انور پٺاڻ 135 رنسون ٺاھيون، جنهن جي جواب ۾ سپر ڪنگ ڪرڪيٽ ڪلب ڇور مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاھي سگھي، اھڙي طرح آزاد ٽائيگر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور 20 رنسن کان ڪاميابي ماڻي. سپر ڪنگ ڪرڪيٽ ڪلب ڇور طرفان سروڻ سنگھه سوڍو 67 رنسون ٺاھيون، آزاد ٽائيگر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور طرفان دولت خان پٺاڻ 3 وڪيٽون ورتيون، مين آف دي مئچ انور پٺاڻ کي ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button