سنڌ

گهوٽڪي ۾ گم ٿيل پوليس اهلڪار جو لاش هٿ،وارثن کي قتل جو شڪ

گهوٽڪي ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جو پوليس اهلڪار محمد وسيم ميمڻ ٽي ڏينهن اڳ موٽر وي جي سي پيڪ پڪٽ تي ڊيوٽي تي وڃڻ دوران گم ٿي ويو، جنهن جو ڪالهه خميس ڏينهن ڏنگڙو واهه مان لاش مليو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو. فوتي پوليس اهلڪار جي موٽر سائيڪل ۽ سرڪاري رائفل به اتان ملي. اطلاع تي سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا. ان دوران پوليس اهلڪار جا وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. ان موقعي تي ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ تعلقي اسپتال گھوٽڪي پهتو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ته وارث لاش ڳوٺ الهيار چاچڙ کڻائي ويا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ان ڏس ۾ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر آصف ڪلوڙ چيو ته پوليس اهلڪار جي جسم تي ظاهري طور تي تشدد جا نشان نه هئا. ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق پوليس اهلڪار جو موت پاڻي ۾ ٻڏڻ سبب ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button