سنڌ

ورڪشاپ ۾ چوري الزام ۾ ٻوڙو ۽ گونگو نوجوان گرفتار

منڍ جمڙائو پوليس موٽرسائيڪل چوري جي الزام ھيٺ ٻوڙو ۽ گونگو نوجوان کي گرفتار ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. خبر موجب منڍ جمڙائو پوليس ڪجھه ڏينهن اڳ منڍ جمڙائو شهر مان بھادر شر جي موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ جي الزام ھيٺ منڍ جمڙائو واسي ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگھه کان مرحوم نوجوان پرويز شر گرفتار ڪري منگلي ٿاڻي تي سندس مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو. نوجوان جي وارثن پريس ڪلب پھچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي محمد امين شر، محمد قائم، عاشق حسين، محمد انور ۽ ٻين چيو ته منگلي پوليس پيپلزپارٽي اڳواڻ بھادر شر جي چرچ تي اسانجي نوجوان تي بي گناھه گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آھي، جنهن کي زماني جي ڪا خبر ناھي، اھو ڪئين ٿو چوري ڪري سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته مامري جي جاچ ڪري نوجوان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button