اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا ۾ 25 مريض فوت،هڪ هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد 🙂 پاڪستان ۾ وڌيڪ 25 ڪرونا مريض لاڏاڻو ڪري ويا، هڪ هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ هڪ هزار 122 ڪيس سامهون آيا آهن. وڌيڪ 2 هزار 550 مريض صحتياب ٿي ويا. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 139 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 15 لک 6 هزار 450 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽر ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 61 هزار 332 علاج هيٺ مريضن مان هڪ هزار 186 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 14 لک 14 هزار 979 مريض هن وقت هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ 5 لک 66 هزار 505 ٿي چڪو آهي. ڪل فوتگيون 8 هزار 58 ٿيون آهن. پنجاب ۾ هن وقت تائين 5 لک 3945 مريض رپورٽ ۽ هتي ڪل فوتگيون 13 هزار 486 ٿي چڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button