اسلام آبادپاڪستان

هيلٿ ڪارڊ جو وڏو فائدو غريب طبقي کي ٿي رهيو آهي:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نيا پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي. يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو نظام ڪيترن ئي ترقياتي يافتا ملڪن ۾ موجود نه آهي. هيلٿ ڪارڊ جو سڀ کان وڏو فائدو غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿي رهيو آهي. جمعي تي وزيراعظم عمران خان صحت جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪتر ياسمين راشد ۽ تيمور سليم جڳهڙا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ صحت ڪارڊ ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نيا پاڪستان قومي صحت ڪارڊ پروگرام تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ عوام جو وڏو انگ مفت صحت جي سهولتن مان فائدو وٺي رهيو آهي. حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل ضلعن ۾ ٻارڙن ۾ اسٽنٽڊ گروٿ جي تدارڪ لاءِ پروگرام جاري ڪري رهي آهي. ان کان سواءِ ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ ڄم کان پوءِ ويڪسينيشن مڪمل ڪرڻ تائين ٻار جي صحت جي مڪمل مانيٽرنگ ڪئي ويندي. ملڪ ۾ نرسنگ جي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ حڪومت بين الاقومي معيار جي ٽريننگ جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن جي ڪري ملڪ ۾ جنرل ويڪسينيشن جي شرح 66 سيڪڙو کان وڌي 76 سيڪڙو ٿي چڪي آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ ان جي شرح وڌي 91 سيڪڙو ٿي چڪي آهي. ان کان سواءِ ڪرونا ويڪسين نيشن جي شرح جي حوالي سان به مقرر ڪيل حدف حاصل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم بنيادي صحت جي حوالي سان جاري منصوبن ۽ قدمن تي اوليتي بنيادن تي عملدرآمد يقيني بنائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button