پاڪستانسنڌ

هوسڙي لڳ موٽرسائيڪل تي ون ويلنگ دوران ٽڪرن ۾ 2 نوجوان فوت

ھوسڙي: ھوسڙي لڳ ٽنڊومحمد خان روڊ تي موٽرسائيڪل تي ون ويلنگ دوران حادثن ۾ 2 نوجوان فوت، ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، خبرموجب ھوسڙي ٿاڻي جي حد ٽنڊو محمد خان روڊ تي نوناري ڳوٺ وٽ تيزرفتار ون ويلنگ ڪندڙ ھڪ ڳوٺاڻي نوجوان محمد ايوب پٽ رمضان بروھي سان ٽڪرائجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ محمد ايوب بروھي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو.

فوتي نوجوان جو لاش حيدرآباد ايئرپوٽ ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ الھه بخش بروھي ۾ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ٻئي طرف سيري ٿاڻي جي حد نگاھه مدينا ھوٽل سامھون ٽنڊو محمد خان روڊ تي ون ويلنگ ڪندڙ ٽولي جون موٽرسائيڪلون تيزرفتاري سبب پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ ڪري ھڪ نامعلوم نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جنهن کي سيري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي سول اسپتال حيدرآباد کڻائي وئي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button