پاڪستانسنڌ

ماتلي لڳ غربت ۽ بيماري کان تنگ عورت خودڪشي ڪري ڇڏي

ماتلي: ماتلي لڳ ڳوٺ علودو لغاري ۾ 40 ورهين جي عورت شريمتي صاحبان ڪولهي غربت ۽ بيماري کان تنگ اچي گهر جي ڪمري اندر مبينا طور تي رئو ڳچي ۾ وجهي پاڻ کي ڇت جي گارڊر ۾ لٽڪائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي، اطلاع تي ماتلي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جي لاش کي کڻائي ضروري ڪارروائي لا تعلقه اسپتال منتقل ڪيو.

ٻڌايو پيو وڃي ته عورت جو مڙس هيمون ڪولهي مزدوري ڪندو هو ۽ سندس گهرواري ستن ٻارن جي ما هئي گهڻي وقت کان بيماري ۾ پڻ مبتلا هئي، غربت ۽ بيماري کان تنگ اچي هن خودڪشي ڪئي آهي. پوليس موجب ته خودڪشي واري معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button