پاڪستانسنڌ

پروين رند جي پيرين اگهاڙي ڀٽائي جي درگاهه تي دانهن

ڀٽ شاهه: پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي پروين رند انصاف خاطر پيرين اگهاڙي دانهن کڻي درگاهه ڀٽائي تي پهچي وئي. پروين رند وفد جي صورت ۾ ڀٽائي در تي دانهن ڏيئي انصاف لا دعا گهري وئي. وفد ۾ شهيد بينظيرآباد ضلعي جا صحافي ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ به شامل هئا. شاگردياڻي پروين رند ڀٽ شاهه جي دنبوري چوڪ کان ڀٽائي جي مزار تائين پيرين اگهاڙي پيادل مارچ ڪري ڀٽائي در انصاف لا دانهن ڏني ۽ دعا گهري.

ان موقعي تي پروين رند چيو ته انصاف لا پيرين اگهاڙي ڀٽائي جي در پهتي آهيان، مون کي جنسي حراسمنٽ جو شڪار بڻايو ويو ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا آھن، مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪريان ٿي ته لانگ مارچ کان پهرين سنڌ جي نياڻين کي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button