پاڪستانسنڌ

مٽياري لڳ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان قتل، ڇوڪري زخمي، جوابدار گرفتار

مٽياري: مٽياري ڀرسان ڳوٺ لالو مجيداڻو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان قتل، ڇوڪري شديد زخمي، نازڪ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ لالو مجيداڻو ۾ جوابدار خالد چنڊ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ظهير پٽ عبدالرشيد مجيداڻو کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڇوڪري رڪو عرف رخسار چنڊ کي ڪهاڙين جا ڌڪ هڻي شديد زخمي ڪيو ويو آهي، جنهن کي تعلقا اسپتال مٽياري مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد حالت خراب هجڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف مقتول ظهير مجيداڻو جي پيءُ عبدالرشيد جو چوڻ هو ته منهجي پٽ کي بي گناهه قتل ڪيو ويو آهي، سندس مٿان لڳايل الزام ڪوڙو آهي، کيس سڏ ڪري قتل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته پوليس جو چوڻ آهي هو ته ظهير کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي ۽ ڇوڪري رخسار چنڊ کي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا شديد زخمي آهي کيس سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، ابتدائي طور ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي نوجوان کي مٿي ۾ ڪهاڙين جا ڌڪ لڳل هئا ۽ ڇوڪري کي به ڪهاڙين جا ئي ڌڪ لڳل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button