پاڪستانسنڌ

اسان جي نوڪرين ۽ حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي:فاروق ستار

ٽنڊوالهيار: ايم ڪيو ايم پاڪستان ڀولو جي خاندان سان گڏ بيٺي آهي، مون وزيراعظم سان ڳالهايو هو، ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پيز کي هٽرايو ويو. ايم ڪيو ايم پاڪستان مطالبو ڪري ٿي ته ٻين قاتلن کي به گرفتار ڪيو وڃي ۽ سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير امين الحق ۽ فاروق ستار ٽنڊوالهيار ۾ ڀولو خانزاده جي چاليهي ۾ شرڪت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته سنڌ ۾ مڪمل طور تي ڊاڪو راج قائم ڪيو ويو آهي، ڏوهه وڌي ويا آهن، وزيراعليٰ اوهان کان پڇون ٿا ته سنڌ ۾ ڏوهن کان وٺي عورتن سان گينگ ريپ ٿي رهيا آهن، اوهان ڇا ڪيو آهي. اسان ڀولو جو خون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، اڄ اسان سڀ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ هڪ اسٽيج تي بيٺا آهيون. هنن چيو ته اسان جي وسيلن، نوڪرين ۽ ٻين حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. هنن چتا ڏنو ته ڀولو جي قاتلن جي گرفتاري ڪجهه ڏينهن اندر نه ٿي ته سڄي سنڌ ۾ تحريڪ هلائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button