پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ فوت ٿيل شاگردن جو ٽيجهو، شهرين جو ڌرڻو

ڪلوئي: ڪلوئي بائي پاس وٽ 2 ڏينهن اڳ مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب فوت ٿيل شاگردن واري واقعي باوجود ڪوبه ذميوار آفيسر نه پهتو. هوڏانهن مين چوڪ تي فوت ٿيل ٻارڙن جي مائٽن علي محمد لنڊ، عبدالڪريم لنڊ، مولوي رمضان لنڊ، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ زاهد گل اوٺو ۽ ڪوهستان راڄوڻي اتحاد اڳواڻ محمد عثمان نهڙيو جي اڳواڻي ۾ رهواسين احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ ارباب گروپ اڳواڻ بئرسٽر ارباب ظفر الله ۽ ارباب ذوالفقار علي پهتا، جن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي انتظاميا جي نااهلي هن کان مٿي ڪهڙي هوندي جو وک پنڌ تي مختيارڪار آفيس هئي، جتان هي ٻه قدم ڀري نه آيو، اسان وارثن سان هن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، وارث ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ٿا ته سندن ڪيس مفت ۾ وڙهنداسين. هوڏانهن 2 ڪلاڪ هنيل ڌرڻي ۾ ڪو به سرڪاري نمائندو نه پهتو. 3 ڏينھن اڳ اسڪول کان گھر موٽندي واري ۾ دٻجي فوت ٿيل اسڪولي شاگردن سجاد ۽ حبيب جي ٽيجھي ۾ معزز شھرين ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ پ پ اڳواڻ محمد خان لنڊ، ھيڊماستر سوڀو خان لنڊ، گل محمد لنڊ، عبدالعزيز لنڊ، استادن، ارباب عنايت، ارباب ظفرالله، صابر اوٺو ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن 3 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪوبه چونڊيل نمائندو يا ضلعي جو آفيسر وارثن وٽ نه پهتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button