سنڌ

پيش امام سان پرڻو ڪندڙ ميهڙ واسڻ تحفظ جي اپيل ڪري ڇڏي

ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ سانول ڪرٽيو جي رهواسڻ ناري رضوانه ڪرٽيو ڳوٺ گرڪڻ جي رهواسي مسجد جي پيش امام سان پسند جو پرڻو ڪندي تحفظ جي اپيل ڪئي . ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رضوانه ڪرٽيو چيو آهي ته منهنجا والدين منهنجي شادي هڪ موالي سان ڪرائڻ چاهي پئي، جنهن ڪري مرضي سان امام الدين بروهي سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن تي منهنجو نانو شوڪت، پيءُ خان محمد، چاچو امجد، مامو غلام عمر ڪرٽيو اسان مٿان ڪارنهن جو الزام لڳائي قتل ڪرڻ چاهين ٿا، جن مان اسان کي جان جو خطرو آهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏيئي زندگي بچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button