سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ٽيچرس ڪالوني جي پلاٽن تي مبينا قبضن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ٽيچرس ڪالوني جي سوسائٽي اليڪشن نه ڪرائڻ توڙي استادن جي پلاٽن مٿان مبينا قبضن خلاف استادن ۽ تعليم کاتي جي ملازمن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي استادن مجيب الرحمٰن فاضلاڻي، عبدالڪريم، لياقت عباسي، عبدالقيوم ميمڻ، ارشاد ميمڻ، محمد علي گاد، حسيب ابڙو، محمد عمر دايو، افسر قريشي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ٽيچرس ڪالوني ۾ 26 سالن کان ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا آهن، هن وقت تائين استادن کي پلاٽن جا مالڪاڻه حق به نه ملي سگهيا آهن. ٽيچرس ڪالوني سوسائٽي جا عهديدار عملي ڪم بدران نام نهاد مافيه جيان قبضا گير بڻجي ترقياتي ڪمن جي آڙ ۾ لٽ مار ڪرڻ سان گڏ استادن کي الاٽ ڪيل پلاٽ ناجائز طريقي سان وڪرو ڪن ٿا. هنن چيو ته ٽيچرس ڪالوني سوسائٽي جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ سيڪريٽري جو مدو پورو ٿي چڪو آهي پر نيون چونڊو ڪرائڻ بدران سليڪشن جون ڳالهيون ڪري غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان ڪالوني مٿان قابض ٿيڻ چاهين ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته ٽيچرس ڪالوني سوسائٽي جي فوري طور تي نيون چونڊو ڪرائي جمهوري عمل کي برقرار رکڻ سان گڏ استادن کي پلاٽن جا مالڪاڻه حق ڏياري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button