سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ريلوي ٽريڪ جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان بچايو تحريڪ جي ڪارڪنن ريلوي لائين زبون حال ٿيڻ توڙي ٽريڪ جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سجاد حسين سومرو، مير محمد چانڊيو، عرض محمد ۽ ٻين چيو ته موجوده حڪمران ترقيءَ جون ڊاڙون ھڻي رھيا آھن پر ھتي ريلوي ٽريڪ جا بلاڪ ٽٽي ويا ۽ ٽريڪ ۾ لڳل ڪاٺ ڳري چڪو آهي، ٽريڪ ھيٺان ۽ پاسن کان مٽيءَ کان خالي ٿيندو پيو وڃي، مٽيءَ جي جا تي ريلوي ٽريڪ ۾ گند ۽ ڪچرو ڀريو پيو وڃي. ھنن سپريم ڪورٽ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ريلوي ٽريڪ جي ٻنهي پاسن کان پائدار مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن ڪنهن حادثي سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button