سنڌ

رتوديرو مان کنڀي گم ڪيلن جي معصوم ٻارڙن جو احتجاج

رتوديرو ۾ مان کنڀي گم ڪيلن جي معصوم ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪيو. رتوديرو جي موٽڻ پور محلي مان هفتو اڳ ڪراچي پوليس هٿان کنڀجي ويل 6 ڄڻن پرنسپال منظور قريشي، سندس ڀا مظهر، واپاري عبدالفتاح، محمد جمن، غازي خان ۽ محمد قاسم قريشي جي آزادي لاءِ سندن معصوم ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪيو. معصوم ٻارڙن اسڪول مان موڪل ٿيڻ بعد اسڪولي يونيفارم ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مک روڊن تان ٿيندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا. ان موقعي تي معصوم ٻارڙن رحمت الله، عليشا، نتاشا، شهباز، معز، سبحان زهريٰ، شهباز، عبدالله، متيم، بلال ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ڪراچي پوليس رات جي وقت گهرن ۾ گهڙي اسان جي والدين کي بيگناهه کنڀي کڻي وئي آهي. هنن چيو ته والدين جي کنڀجڻ بعد اسان صحيح نموني سان پنهنجي پڙهائي ڪري نٿا سگھون. اسڪول پڙهڻ لاءِ وڃون ٿا ته پريشان هجڻ سبب پڙهائي ڪرڻ ۾ دل ئي نٿي لڳي. ان موقعي تي کنڀجڻ بعد آزاد ٿيل ننڍڙي سبحان زهريٰ چيو ته جيستائين منهنجي والد فهد قريشي کي آزاد نه ڪيو ويندو مان پنهنجي پيرن ۾ چپل نه پائينديس ۽ پيرين اگھاڙي گھمنديس. معصوم ٻارڙن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي والدين کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button