اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽرول هڪ ڀيرو ٻيهر 10 رپيا في لٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد ؛روس – يوڪرين ڇڪتاڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پهرين مارچ کان پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 59 پئسا في لٽر واڌ ٿيندي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 169 رپيا 45 پئسا في لٽر ٿي ويندي. حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ 16 فيبروري کان آ ايم ايف جي چوڻ تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 12 ڏهائي 03 رپيا في لٽر تائين واڌ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي في لٽر قيمت 159 ڏهائي 86 رپين جي رڪارڊ سطح تي آهي. 16 فيبروري تي ڪچي تيل جي قيمت 94 ڊالر في بيرل هئي ۽ يوڪرين تي روسي حملي کانپوءِ قيمتن ۾ واڌ ٿي، جيڪا 2014 کانپوءِ پهريون ڀيرو 100 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي. ماهرن موجب جيڪڏهن موجوده صورتحال جو تڪڙو حل نه ڪڍيو ويو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 125 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button