اسلام آبادپاڪستان

عورتون باصلاحيت آهن،ڪنهن به شعبي ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿيون.:بيگم ثمينا علوي

اسلام آباد : خاتون اول بيگم ثمينا عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ ڪنهن به شعبي ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿيون. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول بيگم ثمينا عارف علوي نيول ڪمپليڪس جو دورو ڪيو. هن پاڪستان نيوي وومين ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نمائش ۽ فيملي فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي. بيگم ثمينا عارف علوي نمائش جو افتتاح ڪيو. نمائش ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي. هن نمائش ۾ رکيل آرٽ ۽ دستڪاري کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ ڪنهن به شعبي ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿيون. نمائش ۾ غير ملڪي عورتن پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button