پاڪستانسنڌ

ڪراچي مان ميرپورخاص جا 4 نوجوان گم، مظاهرو

ميرپورخاص: ڪراچي مان گم ٿيل ميرپورخاص واسي 4 ڄڻن جو 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پتو نه پيو. ميرپورخاص ۾ وارثن ۽ مرغي ايسوسيئيشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سرفراز، عظيم خان، الطاف وسيم، ڪاشف ۽ رضا چيو ته اسان جا 4 نوجوان رميز، امتياز، نعمان ۽ وقار 2 ڏينهن اڳ ڪاروبار لا ڪراچي لا نڪتا، جيڪي 2 ڏينهن کان گم آھن، ميرپورخاص پوليس کي دانهون ڪيون آھن، پر پوليس اسان سان ڪوبه تعاون نه ڪيو آھي. هنن چيو ته اسان جا 4 نوجوان گم آھن ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي، گهرن ۾ سخت ڳڻتي جي لهر پکڙيل آھي، ڳولا ڪرڻ باوجود نوجوانن جو پتو ناهي پيو. هنن آئي جي سنڌ سميت اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گم ٿيل 4 ڄڻن کي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button