پاڪستانسنڌ

جهول ۾ صحافي قتل ڪيس ۾ رهيل جوابدار گرفتار نه ٿيو، مظاهرو

جھول: جهول ۾ قتل ٿيل صحافين مير مرتضى شر جي وارثن عورتن قاتلن جي گرفتاري لا احتجاجي مظاهرو ڪيو. 28 ڏينهن اڳ شهر ۾ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل نيشنل پريس ڪلب جھول جي اڳوڻي صدر مير مرتضى شر جي پيرسن ما اجيبان شر، ڀينرن پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ بسم الله شر، حسرت شر ۽ ٻين عورتن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري قاتلن جي گرفتاري لا نعريبازي ڪئي. هنن دانھيندي چيو ته مقتول مير مرتضى شر کي ڪوڙا الزام مڙھي بيدردي سان شھر ۾ سرعام گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو، جنهن جي ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن مان 2 جوابدار پوليس گرفتار ڪيا آهن، پر ٽيون جوابدار پوليس بااثرن جي چوڻ تي اڄ ڏينهن تائين گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي. مقتول جي ڀيڻ بسم الله شر دانھيندي چيو ته 3 ڏينهن اڳ سانگھڙ جي عدالت مان شنوائي ڏئي واپس موٽي رھيا ھئاسين ته درگاھه راڄن شاھه لڪياري اڳيان قتل ڪيس جي جوابدارن جي مائٽ ھٿياربندن ڪيس تان ھٿ کڻڻ توڙي اسان کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان ڪار تي سڌي فائرنگ ڪئي، اسان معجزاڻي طور بچي وياسين، اسان پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو، پوليس پھچي سر زمين ۽ گاڏي ۾ ڦاٿل گوليون ڏسي اسان کي انصاف ڏيڻ بدران اسان کي جواب ڏيندي چيو ته اوھان ھٿ سان ڊرامو ٺاھيو آھي. جوابدارن کي پوليس بااثرن جي ونگار تي رليف فراھم ڪري رھي آھي، جنهن جو سڌو ثبوت روپوش جوابدار ستار عرف ستارو شر ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ڪرڻ آهي. هنن بلاول ڀٽو زرداري، ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگھڙ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي روپوش جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button