پاڪستانسنڌ

شاهه محمود قريشي کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي:پاشا قاضي

حيدرآباد: پ پ جي لانگ مارچ ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي آجيان لا حيدرآباد ۾ لڳايل مرڪزي استقباليه ڪئمپ تي جشن جهڙو ماحول آهي، پارٽي گيتن تي جيالن جهمريون هڻي عمران سرڪار خلاف زبردست نعريبازي ڪئي. ڪئمپ تي صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ پاشا قاضي چيو ته شاهه محمود قريشي کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، باقي علي زيدي جي ڪا حيثيت ناهي جو ان جي چوڻ تي سنڌ جا ماڻهو سندن احتجاج ۾ شرڪت ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد جو عوام بلاول ڀٽو جو ڀرپور آڌرڀا ڪندو. بلاول ڀٽو عوامي لانگ مارچ سان نيازي سرڪار ڪيرائي ڇڏيندو. اسان جو قائد آصف زرداري ظالم حڪمرانن مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لا سياسي ملاقاتون ڪري جدوجهد ڪري رهيو آهي، جلد عوام هن حڪمرانن مان نجات حاصل ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button