پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ زمين تي قبضي خلاف عورتن جو احتجاج

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار جي رهواسي عورتن ۽ مردن زمين تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام شبير لاشاري، حسنه لاشاري، وزير لاشاري، بانو لاشاري ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ديهه وساڻڪي ۾ اسان جي 16 ايڪڙ ڏاڏاڻي زرعي زمين آهي، جنهن تي اسان جا ويجها مائٽ ۽ ٻيا قبضو ڪريو ويٺا آهن، زمين مان پنهنجو حصو گهرڻ تي ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪيو پيو وڃي، شڪايت باوجود ضلعي انتظاميا نٿي ٻڌي. هنن ڊي سي ٽنڊوالهيار کان گهر ڪئي ته زمين مان حصو ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button