
ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ مسو خان جلباڻي ۾ جوابدارن ڀنڊ محلي ۾ پورهيت رسول بخش ڀنڊ جي گهر جي لوڙهي کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب پورهيت جون ٻه ٻڪريون ۽ هزارين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته گهرڀاتي معجزاڻي طور بچي ويا. ان سلسلي ۾ متاثر رسول بخش ڀنڊ ۽ سندس زال شهزادي پُٽ عمران ڀنڊ سميت احتجاج ڪندي چيو ته مسڪين ۽ پورهيت آھيون، ڪنهن سان دشمني ناھي، پر خبر ناهي ته ڇو لوڙهي کي بند ڏني وئي آهي. هنن وسوارن کان گهر ڪئي ته واهر ڪئي وڃي.